الحاج سيد پير الهيار شاهه

الحاج سيد پير الهيار شاهه: الحاج حافظ سيد پير الهيار شاهه هاشمي ولد سيد پير نور شاهه جي ولادت 9 ذوالحج 1303هه/ 8 سيپٽمبر 1886ع تي ٿي. گھر جي مذهبي ماحول جي ڪري ننڍپڻ ۾ ئي قرآن شريف کيس حفظ ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. پير صاحب بردبار طبيعت جو مالڪ هو. حيثيت ۽ رتبي هئڻ جي باوجود ان وقت جي ٻين گھڻن پيرن وانگر سياسي رتبا ۽ رڪنيت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيائين. سندن لاڙو ثقافتي ڪمن ڏانهن گھڻو هو. هو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ ميلن ۾ شريڪ ٿي پهلوانن ۽ راڳيندڙن جي همت افزائي ڪندو هو. پير صاحب جي. ايم سيد سان گڏجي 1924ع مٽياري ساداتن جي تنظيم جو بنياد وڌو.
پير الهيار شاهه 13 فيبروري 1947ع تي وفات ڪئي. سندن عرس هر سال 21 ربيع الثاني تي ملهايو ويندو آهي.


لفظ الحاج سيد پير الهيار شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1303.00.00  هجري

الحاج سيد پير الهيار شاهه: الحاج حافظ سيد پير الهيار شاهه هاشمي ولد سيد پير نور شاهه جي ولادت 9 ذوالحج 1303هه/ 8 سيپٽمبر 1886ع تي ٿي .


1886.00.00  عيسوي

الحاج سيد پير الهيار شاهه: الحاج حافظ سيد پير الهيار شاهه هاشمي ولد سيد پير نور شاهه جي ولادت 9 ذوالحج 1303هه/ 8 سيپٽمبر 1886ع تي ٿي .


1947.02.13  عيسوي

پير الهيار شاهه 13 فيبروري 1947ع تي وفات ڪئي . سندن عرس هر سال 21 ربيع الثاني تي ملهايو ويندو آهي .


0000.04.21  هجري

پير الهيار شاهه 13 فيبروري 1947ع تي وفات ڪئي . سندن عرس هر سال 21 ربيع الثاني تي ملهايو ويندو آهي .



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاضي محمد جعفري ٺٽوي
حاجي عبدالله مولوي
ايل وي پرانچبي
عبدالله هالائي مولانا
عبدالعزيز ٿريچاڻوي
عبدالخالق ڪنڊياروي مولانا
محمد عالم سومرو مولانا
عبداللطيف ڊول مولانا
ابن هشام
عبدالڪريم لغاري مولانا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون